پير علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي

پير علي بخش شاهه ’علڻ ‘ ڀٽائي: پير علي بخش شاهه عرف علڻ سائين ولد پير لطف علي شاهه ، ڀٽ شاهه جو رهاڪو هو . سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السّلام سان ملي ٿو ، سندس مسند نشيني 1899ع/1900ع ۾ ٿي ، ابتدائي تعليم بعد فارسيءَ ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين . پاڻ نهايت بااخلاق ، باتهذيب ۽ فقير صورت هو ، ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏي لاڙو رکندڙ هو . هن جا رات ۽ ڏينهن خاص عبادت الاهي لاءِ وقف ڪيل هئا ، هر جمعي جي رات ، شاهه جي راڳيندڙ فقيرن سان گڏ پاڻ به راڳ ڳائيندو هو .
سندس وصال 14 محرم 1352هه/ 18 مئي 1933ع ۾ ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو